اورڪا وهيل کي هڪ شڪاري وهيل طور سڃاتو ويندو آهي پر ڏکڻ آفريڪا ۾ ٻن وهيل ملي ڪري هڪ ئي حملي ۾ 17 شارڪ کي ماري ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ غيرمعمولي واقعو آهي.
ڄاڻايو پيو وڃي ته وهيل هر ڀيري غوطو لڳائي گهرائي ۾ ويون ۽ اهو عمل ٻن ڪلاڪن تائين برقرار رهيو.
ان جو مشاهدو مرين ڊائنامڪس ڪنزرويشن ٽرسٽ جي ماهرن ڪيو آهي هي واقعو لي بيچ تي پيش آيو آهي.
ياد رهي ته سيون گل شارڪ جي ڊيگھ ڏهه فٽ هوندي آهي پر ان جي باوجود اورڪا ان کي ماري وڌو.