ڏکڻ آفريڪا جي ھڪ ننڍي جھاز جي پائليٽ سيٽ ھيٺان نانگ ڏسڻ بعد ھنگامي حالت ۾ جھاز جي لينڊنگ ڪرائي.
چئن سيٽن وارو ننڍو جھاز رڊولف ايراسمس اڏائي رھيو ھو، اوچتو کيس چيلھھ ۾ ڪنھن ٿڌي شئي لڳڻ جو احساس ٿيو، ھن سيٺ ھيٺان ڏٺو تھ ڪوبرا نانگ ويٺو ھو.
پائليٽ رڊولف فوري طور تي ٻين مسافرن کي خطري کان آگاھھ ڪيو ۽ ريڊيو تي ويجھي شھر سان رابطو ڪيو ۽ جھاز کي لاھڻ جي اجازت گھري جيڪا کيس ملي وئي.
جڏھن جھاز زمين تي لاٿو ويو ۽ نانگ جي ڳولا ڪئي وئي تھ ڪوبرا نانگ ڪٿي بھ نھ مليو.
رڊولف ۽ سندس ٽيم ٻن ڏينھن تائين جھاز ۾ نانگ جي ڳولا ڪئي پر ھو نھ مليو، لينڊنگ دوران ڪوبرا نانگ نڪري ويو.