ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيل ٻن سڪيورٽي اهلڪارن جا مڙهه فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، لانس نائيڪ شعيب علي ۽ سپاهي رفيق الله جي جنازي نماز وانا ۾ سندن اباڻي علائقن ۾ ادا ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنازي نماز فوجي ۽ سول آفيسرن سميت جوانن، وارثن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، جنازي نماز بعد ٻنهي شهيدن جا مڙهه فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج هر قيمت تي دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي هي قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
آءِ ايس پي آر موجب، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي زرملان ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پارا چنار واسي لانس نائيڪ شعيب علي ۽ لڪي مروت واسي سپاهي رفيق الله بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا هئا.