ڦل ڀرسان زميني تڪرار تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.
ڳوٺ احمد خان لاشاري ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌيرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 40 ورهين جو نورنگ لاشاري قتل ٿي ويو جڏهن ته طارق ۽ غلام مصطفيٰ زخمي ٿيا پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.