کار سر وٽ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي عالمي، ماحولياتي ۽ علائقائي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏني وئي آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن ۽ نقشن جي مدد سان کار سر وٽ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي عالمي، ماحولياتي ۽ علائقائي قانون جي ڀڃڪڙي هئڻ بابت پتو لڳائي ورتو آهي.
تاريخي ماهرن ۽ علائقي واسين طرفان به کارسر وٽ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي مخالفت ڪئي وئي آهي.
کار سر وٽ ڪارونجهر جي ڪٽائي غير قانوني هئڻ بابت سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ جا فيصلا به موجود آهن، وائيلڊ لائيف کاتو به ڪٽائي جي مخالفت ڪري چڪو آهي.
رامسر ڪنوينشن ۾ شامل هجڻ سبب کارسر ۾ عالمي قانون تحت ماحول مخالف سرگرمي تي پابندي آهي.
سنڌ ڪابينا تڪڙ ۾ ڪٽائي جي اجازت ڏني، کارسر ۾ گلابي ۽ سرمئي گلابي گرينائيٽ پٿر موجود آهي.
دستاويزن موجب کارسر وٽ ڪٽائي لاءِ ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي اجازت لازمي قرار ڏنل آهي.
تاريخي ماهر ۽ محقق نصير ميمڻ جو چوڻ آهي ته ماحولياتي تحفظ جي ايڪٽ تحت کارسر ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي نه ٿي ڪري سگهجي.
هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪميٽي ٺاهڻ بدران اي آءِ اي تحت علائقي جو سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي جائزو وٺڻ لاءِ عالمي فرم کان رپورٽ تيار ڪرائي آهي.
ذريعن موجب آبي زمين جي تحفظ جي عالمي رامسر ڪنوينشن جو پاڪستان 1971ع کان ميمبر هئڻ سبب اهڙي قسم جي ڪابه سرگرمي نه ٿي ڪري سگهجي.
ڪڇي جي رڻ جو ننگرپارڪر وارو سمورو علائقو رامسر ڪنوينشن تحت 2002ع کان محفوظ قرار ڏنل آهي.
ڪڇ جي رڻ ۾ 154 ناياب ٻوٽا، 26 ناياب جانورن جا قسم، نانگن جا پنج قسم، جانورن جا 14 قسم ۽ مورن سميت ناياب پکين جا 80 قسم موجود آهن.
ناياب جيوت کي بچائڻ لاءِ علائقائي کي وائلڊ لائيف کاتو 1980 ۾ جهنگلي جيوت لاءِ محفوظ پناهگاهه قرار ڏئي چڪو آهي.
علائقي ۾ راما پير ۽ سوامي هرداس پري جا قديمي مندر موجود آهن، علائقي ۾ هر سال ميلي لڳو ٿو جڏهن ته سنڌ سرڪار چار ننڍا ڊيم به ٺاهي ورتا آهن.
شاعر ايوب کوسي جو چوڻ آهي ته ننگرپارڪر ۾ پکڙيل سڀ ٽڪريون ڪارونجهر جبل جو سلسلو آهن، ڪنهن به ماڳ سان هٿ چراند نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته علائقي ۾ شڪار، وڻ، جبل ڪٽن ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي پناهگاهن کي نقصان پهچائڻ تي پابندي آهي.