سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ هڪ ئي وقت ڪرائڻ ۽ 4 اپريل جي فيصلي تي عمل بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالت ڳالهين تي مجبور نه ٿي ڪري سگهي، رڳو آئين تي عمل چاهي ٿي، هو ڪا هدايت ۽ ٽائيم لائن نه ڏيندا، مناسب حڪم جاري ڪندا، مهرباني ڪري مهرباني ڪري آئين لاءِ سڀ گڏجي ويهن.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٽه رڪني بينچ 4 اپريل تي حڪومت کي چونڊن لاءِ 21 ارب رپيا فراهم ڪرڻ بابت 27 اپريل تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
اليڪشن لاءِ 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي ٽئين ڊيڊ لائن به گذري وئي، سپريم ڪورٽ حڪومت کان فنڊ جاري ڪرڻ بابت اڄ رپورٽ طلب ڪئي هئي.
ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ پهريون رابطو 19 اپريل تي ٿيو هو، حڪومت ۽ مخالف ڌر 26 اپريل تي ملاقات تي راضي ٿي وئي هئي، اياز صادق ۽ سعد رفيق جي اسد قيصر سان ملاقات 25 اپريل تي ٿي هئي، اسد قيصر ٻڌايو ته هو ڳالهين جو اختيار نٿو رکي، حڪومتي اتحاد جي ڪالهه ملاقات ٿي هئي، ٻن پارٽين کي ڳالهين تي اعتراض هئا پر هڪ رستو ڪڍيو ويو.
سينيٽ چيئرمين حڪومت ۽ مخالف ڌر جي خط لکي 4-4 نالا گهريا آهن.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسد قيصر کانپوءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪيون ويون ته ڳالهين جو اختيار ڪنهن وٽ آهي؟
اٽارني جنرل چيو ته اڱاري ڏينهن ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو ته شاهه محمود قريشي ڳالهين جو اختيار رکي ٿو.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي حيثيت ۾ سينيٽ چيئرمين سان رابطو ڪيو ويو؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سينيٽ وفاق جي علامت آهي، تنهن ڪري سينيٽ جي چيئرمين کي چيو ويو.
چيف جسٽس چيو ته 19 اپريل تي توهان سان چيمبر ۾ ملاقات ٿي هئي، اسان جي هڪ ساٿي جي نه هجڻ سبب ٻڌڻي 4 وڳي به نه ٿي سگهي، فاروق ايڇ نائڪ چيو هو ته سينيٽ چيئرمين مدد ڪندو، هو نه حڪومتي نمائندو آهي ۽ نه ئي وري اپوزيشن جو، حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته پاڻ قدم کڻي ها.
هن چيو ته عدالت رڳو آئين تي عمل چاهي ٿي ته جيئن تڪرار جو حل نڪري، عدالت کي ڪابه وضاحت نه گهرجي رڳو حل ٻڌايو وڃي، سينيٽ چيئرمين اجلاس گهرائيندو ته اُن ۾ به وقت لڳندو.
وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سموريون حڪومتي اتحادي پارٽيون پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي آهن، سينيٽ واحد ادارو آهي، جتي سمورين پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، سينيٽ چيئرمين جو ڪردار رڳو سهولت فراهم ڪرڻ آهي، ڳالهيون سياسي پارٽين ۽ ڪميٽين کي ئي ڪرڻيون آهن، سياسي معاملو آهي تنهنڪري سياسي اڳواڻن کي ئي مسئلو حڪ ڪرڻ ڏنو وڃي، سياست جو مستقبل سياستدانن کي ئي طئه ڪرڻ ڏنو وڃي.
شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت جي چوڻ تي عدالت سياسي اتفاق راءِ جو موقعو ڏنو، سمورين پارٽين جي سياسي قيادت عدالت ۾ پيش ٿي هئي، پي ڊي ايم ۾ اڄ به ڳالهين تي اتفاق راءِ ناهي، عدالتي حڪم کي پي ٽي آءِ سنجيدگيءَ سان ڏٺو، سپريم ڪورٽ جو 14 مئي تي اليڪشن وارو فيصلو قطعي آهي، پر حڪومت آئين کان ڦرڻ ٿي چاهي، حڪومت چيو هو ته اُها صلاح مشوري کانپوءِ تجويز ڏيندي پر هتي ڪا تجويز ناهي آئي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ کيس، فواد چوڌري ۽ علي ظفر کي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو هو، اسد قيصر حڪومت کي ساڻس رابطو ڪرڻ لاءِ چيو پر اڄ تائين ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو، گذريل ڏينهن سينيٽ چيئرمين فون تي چيو ته هو وزيراعظم جي چوڻ تي رابطو ڪري رهيا آهن، هن چيئرمين سينيٽ کان پڇيو ته اهي تجويزون ڪٿي آهن جيڪي سپريم ڪورٽ ۾ ڏنيون ويون هيون.
چيف جسٽس چيو ته ڳالهين واري معاملي ۾ صبر کان ڪم وٺڻو پوندو.
فاروق ايڇ نائڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان کي سينيٽ ڳالهين لاءِ راضي ڪيو هو.
چيف جسٽس چيو ته عدالت جو ڪو به حڪم ناهي، رڳو تجويز آهي، جيڪڏهن قومي مفاد ۽ آئين جي تحفظ لاءِ اتفاق نه ٿيو ته جيئن آهي تيئن ئي ڪم هلندو، نالا ڏيڻ ۾ ڪهڙي سائنس آهي؟ ڇا حڪومت پنهنجا 5 نالا ڏنا آهن؟
فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ته 3 نالا ڏئي سگهي ٿي،حڪومت جا نالا ٽن چئن ڪلاڪن ۾ فائنل ٿي ويندا.
چيف جسٽس چيو ته فاروق نائڪ کي به ڳالهين ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن معاملو ٿڌو رهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته سينيٽ چيئرمين رڳو سينيٽرن جا نالا طلب ڪيا آهن.
چيف جسٽس چيو ته حڪومت نيڪ نيت ڏيکارڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ لڳي ٿو ته حڪومت صرف پاس پاس کيڏي رهي آهي؟. هو ڪابه ٽائيم لائن نه پيا ڏين، اڄوڪو آرڊر جاري ڪندا، هو نه ڪا هدايت ڪري رهيا آهن ۽ نه ئي ڪو وقت پيا مقرر ڪن، عدالت مناسب حڪم جاري ڪندي، مهرباني ڪري آئين لاءِ پاڻ ۾ گڏ ويهو.
اهڙن رمارڪس کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.