- Advertisement -
ڪراچيءَ جي حيدري مارڪيٽ ٿاڻي جي حد پوليس ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي جو چوڻ آهي ته پريميئر ڪاليج ڀرسان گشت ڪندڙ اهلڪارن ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو .
سندس چوڻ آهي ته ، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عمر زاده ۽ محمد يوسف طور ٿي جن کي اسپتال منتقل ڪيو يوو آهي.
هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن وتان هڪ پسٽل، موبائل فون، والٽ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي….- Advertisement -
