تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچيءَ جي علائقي ڪريم آباد ۾ دهشتگردن هٿان سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا شهيد

ڪراچيءَ جي علائقي ڪريم آباد ۾ دهشتگردن هٿان سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا شهيد ٿي ويو.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سي ٽي ڊي آفيسر زخمي ٿي پيو، کيس عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ناڪابندي پڻ ڪئي.

پوليس ٻڌايو ته ڊي ايس پي علي رضا  مٿان ٻن جوابدارن فائرنگ ڪئي، هڪ کي اجرڪ ويڙهيل هو ۽ ٻي کي هيلمينٽ پاتل هئي، حملو ڪندڙن پسٽل تي سائلنسر لڳايو هو.

پوليس موجب واقعي واري هنڌ وٽان نائن  ايم ايم جي گولين جا خول مليا آهن ۽ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل گارڊ عمارت جو سڪيورٽي گارڊ آهي.

ريسڪيو ٽيمن موجب علي رضا کي مٿي ۾ گولي لڳي ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو.

علي رضا ڊي ايس پي انويسٽيگيشن مقرر هو ۽ هو چوڌري اسلم جو ويجهو ساٿي هو.

هوڏانهن صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ايس ايس پي سينٽرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار هدايت ڪندي چيو ته حملي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.

گهرو وزير پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته واقعي واري هنڌ وٽان شاهديون هٿ ڪري جاچ کي اثرائتو بڻايو وڃي…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون