ڪراچيءَ ۾ جي ڊبليو سي طرفان آءِ بي اي جي پروفيسر ڊاڪٽر ا جمل ساوند جي قتل ۽ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ هزارين ماڻهن جي احتجاج دوران مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ۽ قبيلائي جهيڙن جو خاتمو آڻي سنڌ ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو بند ڪرايو وڃي.
سچ، امن ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم جرنلسٽس ، رائٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس (جي ڊبليوسي) طرفان ڪنڌڪو ٽ ۾ قبيلائي دھشتگردي جو شڪار بڻيل سنڌ جي برک تعليمدان شھيد ڊاڪٽر پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ قبيلائي دھشتگردي خلاف سنڌ جي سڀني ڊويزنن ۾ احتجاج ڪرڻ بعد سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويو.
جي ڊبليو سي جي سڏتي احتجاج دوران شھيد اجمل ساوند جي ڀاءُڊاڪٽر طارق ساوند، روزاني جيجل جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ڪاشف نظاماڻي، جي ڊبليوسي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، ظفر ابڙو، شوڪت نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.
ريليءَ ۾ شامل هزارين ماڻهن کي هٿن ۾ شهيد اجمل ساوند جي تصويرن وارا پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، جن تي قاتلن جي گرفتاري، قبيلائي دهشتگرديءَ جي خاتمي سميت ٻيا نعرا لکيل هئا.
احتجاج ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، آرٽسٽن، سياسي سماجي ڌرين ۽ ماهيگرن هزارن جي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
احتجاج ۾ شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند سميت سندس ڪٽنب جي فردن پڻ شرڪت ڪئي.
احتجاجي مظاھري کي شيما ڪرماڻي، جاويد قاضي، مختيارملڪ، امتياز خان فاران، پي ايف يو جي جي اڳواڻ جي ايم جمالي، عطيه دائود، انيس ھارون، سنڌ ليگ ايڊ فورم جي محمد خان شيخ، عامر نواز وڙائچ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ پرھه سومرو، سيد مھراڻ شاھ، سيد خدا ڏنو شاھ، رشيد سڌايو، ضمير حاجاڻو، سعيد لاشاري، حيات تنيو، ارشد شر، سنيل ڪمار، اشرف سمون، رياض کيمٽيو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل کي هڪ مهينو گذري ويو آهي پر اڃا تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ پوليس سندن آڏو بيوس نظر اچي رهي آهي.
اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور ۽ سنڌ جي ترقيءَ جو قتل آهي، قاتلن کيس قتل ڪري سنڌ جي ترقيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جا ساڃاهه وند سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اڄ خاموشي اختيار ڪئي وئي ته اڳتي شعور رکندڙ هر ماڻهوءَ کي قتل ڪري سنڌ کي اونداهيءَ طرف ڌڪيو ويندو.
هنن چيو ته سنڌ جو شعور ۽ ساڃاھه پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ھڪ آواز بڻيل آھي، ھاڻي قبيلائي دھشتگردي جي خاتمي جو وقت اچي ويو آھي.
احتجاجي مظاھري ۾ گھر ڪئي وئي ته آءِ بي اي ڪنڌڪوٽ کي ڊاڪٽر اجمل ساوند جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي.