افغانستان جي پاسپورٽ تي ڪراچي کان عمري تي وڃڻ لاءِ جناح ايئرپورٽ پهتل افغان شهري جي قبضي مان جعلي ويزا ۽ ڊپارچر اسٽيمپ لڳل پاڪستاني پاسپورٽ هٿ آيو آهي جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي اميگريشن عملدارن موجب، هڪ مسافر غني خاڪسار افغاني پاسپورٽ تي امارات ايئرلائين جي اڏام ذريعي دبئي رستي عمري تي سعودي عرب وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ پهتو.
عملدارن جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ ڪنٽرول مان ايگزيٽ ڪليئرنس جي عمل دوران مسافر کي شڪي قرار ڏنو ويو ۽ هو اميگريشن آفيسر کي مطمئن نه ڪري سگھيو جنهن تي کيس پڇا ڳاڇا لاءِ شفٽ انچارج انيس احمد وٽ موڪليو ويو.
شروعاتي جاچ ۽ سامان جي تلاشي دوران مسافر جي دستي بيگ مان هڪ پاڪستاني پاسپورٽ نمبر هٿ آيو، جنهن بابت هو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگھيو.
اميگريشن عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني پاسپورٽ جي صفحي نمبر 7 تي سعودي عرب جو ورڪ ويزا به پروٽيڪٽر مهر سان گڏ موجود آهي.
اميگريشن عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مسافر کي جعلي پاڪستاني پاسپورٽ هجڻ جي شڪ تي جهاز مان آف لوڊ ڪري کيس گرفتار ڪري وڌيڪ ڪارروائي ۽ جاچ لاءِ ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل جي حوالي ڪيو ويو آهي.