اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ڪراچي پاران مختلف علائقن ۾ مان چوري ۽ ڦر ٿيل 6 ڪارون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اي وي ايل سي ترجمان جو چوڻ آهي ته سچل جي عللائقي مان ڦر ڪيل ڪار ميمڻ ڳوٺ مان هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، سر سيد مان چوري ڪيل ڪرولا ڪار حب چوڪي ۽ گلبرگ ٿاڻي جي حد مان ڦر ڪيل ڪرولا ڪار گڏاڻي مان هٿ ڪئي وئي.
اي وي ايل سي ترجمان جي پڌرائي موجب، بلوچ ڪالوني مان چوري ڪيل الٽو ڪار صفورا چوڪ وٽان هٿ ڪئي وئي.
ترجمان موجب، بوٽ بيسن جي علائقي مان چوري ڪيل مهراڻ ڪار ماڙيپور مان هٿ ڪئي وئي.
اي وي ايل سي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار ٻن جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي..