نيو ڪراچي صنعتي ايريا ۾ ٻن فيڪٽرين ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ متاثر فيڪٽرين جو عمارتون ڪـِري پيون، ملبي هيٺان اچي چار ريسڪيو اهلڪار فوت ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن نيو ڪراچي صنعتي ايريا ۾ ٻن فيڪٽرين ۾ باهه لڳي هئي جنهن ڪري ٻنهي فيڪٽرين جون عمارتون ڪمزور ٿي ويون هيون، رات دير سان ڪولنگ دوران ٻئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويو.
باهه سبب متاثر هڪ فيڪٽري گارمينٽس ۽ ٻي اسپيئر پارٽس جي هئي، واقعي ۾ 4 ريسڪيو اهلڪار فوت ۽ 5 فائر فائٽرز سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ملبي هيٺان دٻجي ويل چئني ريسڪيو اهلڪارن جا لاش ٻاهر ڪڍي ويا جن جي سڃاڻپ محسن، افضال، سهيل ۽ خالد شهزاد جي نالن سان ٿي.
هوڏانهن گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري واقعي واري متاثر فيڪٽرين جو دورو ڪيو ۽ تفصيل ورتا.
ان موقعي تي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته هي واقعو تمام وڏو آهي، جنهن ۾ چار ريسڪيو اهلڪار شهيد ٿيا آهن.
گورنر ڪامران ٽيسوري زخمين کي فوري ۽ علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هداتي ڪئي.