ڪراچي جي بلديا ٽائون واري علائقي ۾ آڪسيجن سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
ٽرڪ مان سلينڊر روڊ تي ڪرڻ سبب ڦاٽي پيو، ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حُوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آڪسيجن سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو ، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.