ڪراچي جي شهرين کي ٽن مهينن لاءِ 6 رپيا في يونٽ بجلي مهانگي ملندي جڏهن ته نيپرا وفاقي سرڪار جي درخواست جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ڪراچي جي شهرين لاءِ بري خبر ٽن مهينن لاءِ بجلي 6 رپيا في يونٽ مهانگي ملندي.
نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست جي منظوري ڏئي ڇڏي.
بجلي جي واهپيدارن کان اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ اوڳاڙي ڪئي ويندي.
گذريل سال جي پهرين ٽن مهينن جي مد ۾ هڪ رپيو 55 پيسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو.
هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن جي مد ۾ بجلي جو في يونٽ 4 رپيا 45 پيسا مهانگو ڪيو ويو.
بجلي جي واهپيدارن کان اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ اوڳاڙي سان 20 ارب رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.