ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾گهر اندر سلينڊر ڦاٽڻ سبب زال مڙس سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سرجاني ٽائون جي سيڪٽر ڊي ۾ گھر اندر زورداري ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب باورچي خاني جي ڀت کي نقصان پهتو ۽ سامان به ڪري پيو.
پوليس موجب، ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ زال مڙس ۽ ٻه ٻار شامل آهن.
پوليس موجب، زخمي جي سڃاڻو 40 ورهين جـَي عبدالرحمان، 35 ورهين جـِي سميرا، 15 ورهين جـِي فزا ۽ 10 ورهين جـَي يوسف جي نالي سان ٿي، جن کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.