ڪراچي ۾ شهري غربت کان تنگ اچي زال ۽ ٻن ٻارڙن سميت زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، پوليس سمورن گهرڀاتين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٻن ورهين جي ٻارڙي فوت ٿي وئي.
سرجاڻي ٽائون واري علائقي ۾ شهري اظهر پنهنجي زال فاطمه، 4 ورهين جي ام هانيه ۽ ٻن ورهين جي ايمن کي زهر ڏئي پاڻ به زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زهر ۾ ورتل سمورن گهرڀاتين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻارڙي ايمن فوت ٿي وئي.
آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ شهري اظهر خان،سندس گهرواري ۽ نياڻي ام هانيه جو علاج هلندڙ آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ظاهري طور واقعو آپگهات لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.