- Advertisement -
جي ڊي اي اڳواڻ سردار عبدالرحيم چيو آهي ته سنڌ ۾ سندن احتجاج عوامي مينڊيٽ جي چوري خلاف آهي، چوري ٿيل مينڊيٽ جي واپسي تائين احتجاج جاري رهندو.
جاري ڪيل بيان ۾ جي ڊي اي اڳواڻ سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ۾ جي ڊي اي، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، جي يو آءِ ف ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي گڏ آهن.
سندس چوڻ هو ته پرامن احتجاج اسان جو حق آهي، حڪومت طاقت جي استعمال کان پاسو ڪري.
سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته ڄامشورو ۽ مورو ڌرڻن کانپوءِ جعلي مينڊيٽ کڻندڙ پارٽيون وائڙائپ جو شڪار ٿي ويون آهن.- Advertisement -
