ڪراچيءَ جي علائقي سائٽ ايريا جي فيڪٽري ۾ زڪوات جا پئسا ورهائڻ دوران ڀاڄ سبب فوت ٿيل 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس سائيٽ اَي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
سائيٽ ايريا ۾ خانگي فيڪٽري ۾ زڪوت ۽ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ جي نتيجي ۾ 9 عورتن ۽ 3 ٻارن سميت 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب فيڪٽري مالڪ ۽ ٻن مينيجرن سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس موجب، ڪيس ۾ لاپرواهي ۽ غفلت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ آر جي متن موجب فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي زڪوات جي ورڇ کان بي خبر رکيو، زڪوات ورهائڻ دوران چوڪيدار مين گيٽ سان گڏ ننڍي گيٽ به کولي ته عورتون ۽ ٻار اندر داخل ٿيا جنهن کانپوءِ اتي ڀاڄ پئجي وئي.
پوليس موجب، ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان 8 جوابدار اڳ ئي گرفتار آهن.
ٻئي طرف ضلعي انتظاميا واقعي جي جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.
رپورٽ موجب فيڪٽري انتظاميا ضلعي انتظاميا کان اين او سي حاصل نه ڪيو هو، زڪوات ورهائڻ وقت فيڪٽري اندر ماڻهن جي رش هئي، فيڪٽري جي گيٽ ڀاڄ وقت بند هئي، فيڪٽري ۾ پاڻي به بيٺل هو.
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪياماڙي رپورٽ ڪمشنر ڪراچي کي موڪلي ڇڏي.