سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي وارن ترقياتي ڪمن کي ووٽ ڏنو آهي، ميئر جو فيصلو ڪنهن جي ضد نه پر اصول تحت ٿيندو، ڪجهه ماڻهن ميئر بڻجڻ لاءِ شيرواني به ٺهرائي ڇڏي آهي، ڪراچي کي ورهائڻ جي ڪا به ڪوشش ناهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ چونڊون کٽيون ته اليڪشن ڪميشن ٺيڪ هئي، هاڻي خراب آهي.
هن چيو ته فواد چوري کي آئيني ادارن خلاف ڌمڪيءَ واري ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهرجي، مٿس قانون موجب ايف آءِ آر درست آهي ته عمل ڪيو وڃي نه ته اها ختم ڪئي وڃي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي چئي چڪو آهي ته ڪراچي جو ميئر جيالو ٿيندو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالا ميئر ايندا، آفيشل نتيجن موجب به پ پ اڪثريتي پارٽي آهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان پهريون ڀيرو جديد بسون هلايون ويون آهن، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ بجلي تي هلندڙ بسون نظر اچن پيون.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪشمور کان ڪياماڙي تان سنڌ جي ماڻهن پ پ کي ڪامياب ڪيو ، پيپلز پارٽيءَ ملير، ڪورنگي ۽ سينٽرل سميت هر هنڌ ڪم ڪيا آهن.