- Advertisement -
ملير جي علائقي پورٽ قاسم ڀرسان اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.
پورٽ قاسم آئل ڊيپو ڀرسان اڻڄاتل گاڏي موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو.
حادثي جي نتيجي ۾ 40 ورهين جو عابد ۽ سندس ڏيڍ سالا پٽ عاطف موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته عابد جي گهر واري نادره سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل گاڏيءَ موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد گاڏي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويندو.- Advertisement -
