ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي.
گلستان جوهر جي علائقي پهلوان ڳوٺ پي آءِ اي هائوسنگ سوسائٽي ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
مقتول جي 35 ورهين جي شڪيل احمد پٽ جميل احمد طور سڃاڻپ ٿي سندس مڙهه جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل نوجوان جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.