ڪراچي جي 11 تڪن تي مڪاني ادارن جي چونڊ 7 مئي تي ٿيندي.
ڪراچي جي سينٽرل ضلعي جي يونين ڪائونسل 4 نيو ڪراچي، يوسي 6 نارٿ ناظم آباد ۽ يونيون ڪائونسل 13 نيو ڪراچي ۾ پولنگ ٿيندي.
ضلعي ڪورنگي ۾ جي يوسي 2 ڪورنگي، يونين ڪائونسل 3 شاھه لطيف ۽ يوسي 8 لانڍي ۾ به مڪاني چونڊ ٿيندي.
ضلعي ڏکڻ جي يونين ڪائونسل هڪ اورنگي، يوسي 2 اورنگي، يوسي 8 مومن آباد ۽ يونين ڪائونسل 2 بهار ڪالوني لياري ۾ به پولنگ ٿيندي.
ضلع ڪياماڙي ۾ يونين ڪائونسل 2 بلديا ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ ٿيندي.
مڪاني ادارن جي چونڊ بابت چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپور تي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ، ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو، ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت چيو ته ست مئي تي مڪاني ادارن جي چونڊ ٿيندي جنهن ۾ 434 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن ۽ 6 لک 90 هزار 295 ماڻهو ووٽ جو حق استعمال ڪندا.
سندس چوڻ هو ته 292 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وينديون.
چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، تعليم واري سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته پولنگ اسٽيشنن تي پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو ته صوبي ۾ 56 سيٽن تي مڪاني ادارن جي چونڊ نه ٿي سگهي هئي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ 449 پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ ٿيندي.
ايڊيشل آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو ته پوليس طرفان سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، ڪراچيءَ ۾ 6 هزار 707 کان وڌيڪ اهلڪار سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا.
اجلاس ۾ ڊويزنل ڪمشنرن سڪيورٽي، ٽرانسپورٽ پلان ۽ پولنگ اسٽيشنن جي مجموعي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.