ڪراچي ۾ ڌار واقعن ۾ 2 ڦورو مارجي ويا.
گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ شهريءَ جي فائرنگ سبب ڦورو مارجي ويو.
ڦورو شهري کان ڦر ڪري رهيو هو ته هُن مٿس فائر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار ٿڏي تي مارجي ويو.
ڦورو مارجي وڃڻ کانپوءِ شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا، جڏهن ته مارجي ويل جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
هوڏانهن سرجاڻي سيڪٽر ڊي 5 ۾ شهرين تشدد ڪري ڦورو کي ماري ڇڏيو.
شاهه جِي هوٽل ويجهو ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شهري زخمي ٿي پيو، شهرين هڪ ڦورو کي پڪڙي تشدد ڪري ماري ڇڏيو، سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
ريسڪيو ذريعن زخمي شهري محمد عظمت ۽ مارجي ويل جو لاش عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.