ڪشمور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي پوليس موبائيل تي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن ۽ بخشاپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت چار اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.
گيهل پور واري علائقي ۾آپريشن دوران ڏوهارين پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب پوليس اهلڪار هدو ڊومڪي ۽ صابر ڊومڪي شهيد ٿي ويا.
ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ بخشاپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او گل مهر، اهلڪار وهاب جکراڻي، شاهق جکراڻي، مصري جکراڻي ۽ علي گل ڊومڪي زخمي ٿي پيا.
شهيد ٿي ويل اهلڪارن جا لاش ۽ زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ، حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ايس ايڇ او کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.