وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، جلد ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿينديون، پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، هوائي فوج جون پيشورانيون صلاحيتون دنيا ۾ نمايان آهن، پاڪستان مخالف عنصرن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
رسالپور ۾ پي اي ايف اصغر خان اڪيڊمي اصغر خان ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
پريڊ تقريب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بچاءَ واري وزير خواجا آصف، هوائي فوج جي سربراهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف، گارڊز آف آنرز جو معائنو ڪيو ۽ پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي فلائنگ بيجز لڳايا جڏهن ته شهباز شريف کي ڪيڊٽس سلامي پيش ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪيڊيٽس جي والدين ۽ ڪيڊٽس کي مبارڪ ڏيان ٿو.
سندس چوڻ هو ته هن وقت موسمياتي تبديلين سميت ڪيترين ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، جلد ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿينديون.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪيترين ئي چئلينجن سبب دنيا بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، عالمي معاشي بحران سان ملڪي عوام کي متاثر نه ٿيڻ ڏنو ويندو.
هن چيو ته سمورن ملڪن سان ٻه طرفا مفادن جي بنياد تي هاڪاري لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ناممڪن آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هوائي فوج ڪنهن به چئلينج ۾ ملڪ ۾ نالو روشن ڪيو، پاڪستان مخالف عنصرن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هوائي فوج هميشه ملڪ جي بچاءَ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، هوائي فوج جون پيشورانيون صلاحيتون دنيا ۾ نمايان آهن.