تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

ڪمشير جي استحصال جو ڏهاڙو والاريل وادي ۾ ڀارتي غيرقانوني قدمن کي ياد ڪرڻ جو  ڏينهن آهي, بلاول

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪمشير جي استحصال جو ڏهاڙو والاريل وادي ۾ ڀارتي غيرقانوني قدمن کي ياد ڪرڻ جو  ڏينهن آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ٻن حصن ۾ ورهايو، ڀارت عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪيو، ڀارت ڪشميرين کان حق آزادي جو حق کسڻ لاءِ کين يونين ٽيريٽريز جو نالو ڏنو.

ڪشمير جي استحصال واري ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارتي قدمن آبادياتي تبديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ جو عمل شروع ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ڪشميري عوام کي پنهنجي ڌرتي تي هڪ بي اختيار اقليت بڻجڻ جو خطرو سامهون آهي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو نئون دور شروع ڪيو، ميڊيا کي دٻائڻ ۽ ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، ڀارتي اختيارين ناليواري ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ لاءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ڀارت سميت پاڙيسري ملڪ سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن والاريل ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تي آهي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون