ڪنڊياري مان 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي.
3 مهينا اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ حامد اڄڻ جو رهواسي فرحان عرف ڀلي ڏنو اڄڻ بازياب ٿي گهر پهچي ويو.
نوجوان جي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.
وارثن پاران مختلف علائقن ۾ پاڪ ڪتاب گهمائڻ بعد نوجوان بازياب ٿي گهر پهتو.
بازياب ٿيل فرحان اڄڻ ٻڌايو ته رات دير سان ڏوهاري کيس ڪنڌڪوٽ باءِ پاس وٽ ڇڏي ويا، ڌاڙيلن وٽ اڃا 9 ماڻهو قيد آهن، هٿياربند وڻن ۾ ٻڌي مارڪٽ ڪندا هئا.