ڪنڌڪوٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف جي ڊبليو سي، جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، شوڪت نوناري، اظهر گل سرڪي، ظفر ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ صحافين، سياسي سماجي تنظيمن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل علم ۽ شعور جو قتل آهي، اجمل ساوند ڀوتارڪي نظام ھٿان قتل ٿي ويو.
مظاهرين چيو ته قبيلائي جھيڙن سنڌ جو امن تباھه ڪري ڇڏيو آھي، سوين ڪونڌر بيڏوھي مارجي ويا پر سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.
سندن چوڻ هو ته قبيلائي سردارن خوني جھيڙن جا جرڳا ڪري قاتلن کي خون معاف ڪرڻ جو ڪڌو رواج وڌو، جنھن سان قبيلائي جھيڙن ۾ تيزي آئي.
اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ۽ سنڌ ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.