ڪنڌڪوٽ ويجهو ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پروفيسر قتل ٿي ويو آهي.
ڪچي واري علائقي ۾ ساوند ۽ سندراڻي برادريءَ ۾ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن ڪڻڪ جو لابارو ڪرائي واپس ايندڙ آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي بعد مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پروفيسر جي قتل بعد ڪچي واري علائقي ۾ ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.
ساوند ۽ سندراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان هن وقت تائين عورت سميت 6 ڄڻا مارجي چڪا آهن.