ڪنڌڪوٽ پوليس پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آپريشن دوران اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
سرڪار جي فرياد تي سندراڻي برادري جي 51 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندراڻي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي ته هٿياربندن جديد هٿيارن سان اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي.
ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته آءِ بي اي پروفيسر اجمل جي قاتلن کي معاف نه ڪيو ويندو جلد کين گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.