ڪنڌڪوٽ پوليس پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽئين ڏينهن به ڳوٺ تي چڙھائي ڪري هڪ اوطاق سميت ڪيترائي گھر ڊاھي پٽ ڪري پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون.
خميس ڏينھن ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند مارجي ويو ھو.
اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس شالي واري علائقي ۾ قتل ٿيل پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽئين ڏينھن بھ ڳوٺ سردار خان سندراڻي تي چڙھائي ڪئي.
پوليس چڙھائي دوران سردار خان سندراڻي جي اوطاق سميت ڪيترائي گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا.
پوليس جوابدارن جا گهر ڊاهي گھرن ۾ پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون.
رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عرفان سمون ٻڌايو ته قاتل ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن کين هر حال ۾ گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.