تازه ترين

ڪنڌڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي اڻڄاتل  هٿياربندن گوليون هڻي هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي اڻڄاتل  هٿياربندن گوليون هڻي هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾  هٿياربندن مزاحمت تي گوليون هڻي مراد علي ڀنگوار کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

مقتول جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.8 ° C
33.8 °
33.8 °
2 %
4.5kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
35 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون