ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڦرلٽ جي واقعن خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور مالڪن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب شهري ۽ واپاري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن.
هنن چيو ته ھر ھفتي هٿياربند شھر جي مختلف ميڊيڪل اسٽور تان ڦرلٽ ڪري لکين رپيا روڪ رقم، ليپ ٽاپ، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته ميڊيڪل اسٽورن تان ڦريل رقم ۽ سامان واپس ٿيڻ تائين شٽر ڊائون هڙتال جاري رهندي.