ڪنڌ ڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.
ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن دوران ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن.
ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ عرفان سمون جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڀيو گينگ جي ڏوهارين خلاف ڪيو پيو وڃي.
ايس ايس پي موجب پوليس ڪچي جا داخلي ۽ خارجي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.