ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ غربت سبب آپگهات جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ ۾ هڪ مهيني دوران زهر پيئڻ جا 39 ڪيس رپوٽ ٿئي چڪا آهن.
ڳوٺ ايوب گُجڙيو جو رھواسي 50 سالن جو ڇاگو گجڙيو زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي،کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ منتقل ڪيو ويو.
ٻڌايو پيو وڃي ته مهانگائي ۽ غربت سبب زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي.