ڪي پي او تي حملي جي دهشتگردن طرفان حب مان ڪراچي سمگلنگ لائن مان فائدو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي جاچ جاري آهي، جاچ ادارن دهشتگردن جي رٿابنديءَ جا وڌيڪ تفصيل هٿ ڪري ورتا آهن.
جاچ ادارن موجب دهشتگردن هٿيار ۽ ٻيو سامان سمگلنگ جي گاڏيءَ ۾ ڪراچيءَ آندا، دهشتگردن جي گاڏي ٻن ڏينهن تائين بلديا جي يوسف ڳوٺ جي بس ٽرمينل تي بيٺل رهي.
رپورٽ موجب بعد ۾ جوابدارن پنهنجو سامان شهزور ٽرڪ ذريعي نادرن باءِ پاس اٽڪ پمپ تي کڻي ويا، جتان رڪشي ذريعي پنهنجو سامان احسن آباد منتقل ڪيو.
حملي جو ماسٽر مائيڊ ساٿيءَ سميت سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، مارجي ويل دهشتگردن جي ٻن ساٿين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.