آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران رونتي جي ڪچي ۾ پوليس چوڪين تي غير حاضر پوليس اهلڪارن کي سزا ڏني وئي آهي.
آءِ جي سنڌ جي حڪم بعد ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس 71 اهلڪارن جي ٻن ورهين جي ملازمت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ايس ايس پي گهوٽڪي پاران آءِ جي سنڌ جي حڪم تي سنڌو درياهه جي ڪناري تي ڌاڙيلن جو گهيرو ڪرڻ لاءِ پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون هيون.
ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پوليس اهلڪارن پنهنجي فرضن ۾ غفلت ڪئي ته سخت سزا ڏني ويندي.