تازه ترين

گذريل ٻن سالن ۾ افغان سر زمين تان دهشتگرد ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو : نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو  آهي ته گذريل ٻن سالن ۾ افغان سر زمين تان دهشتگرد ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو، 64 افغان دهشتگرد پاڪستاني سڪيورٽي فورسز سان وڙهندي مارجي ويا، ڪوشش هئي ته اهي معاملا ميڊيا تي آڻڻ کانسواءِ حل ڪيا وڃن، پر افسوس ڪجهه افغان اڳواڻن جي بيانن سبب معاملا حل نه ٿي سگهيا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ٻن ورهين ۾ سرحد پار دهشتگردي سبب 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا، مذهب، ثقافت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن.

انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چوڻ هو ته  پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي چئن ڏهاڪن تائين ميزباني ڪئي، رضاڪاراڻي طور واپس ويندڙ افغان شهرين کي عزت ۽ احترام سان اماڻي رهيا آهيون.

نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته  گذريل ٻن ورهين ۾ افغان سر زمين تان دهشتگرد ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان دهشتگرد ڪاررواين بابت معلومات افغان حڪومت کي فراهم ڪئي، پر افغان حڪومت دهشتگردن خلاف ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا.

انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته ، افغان حڪومت طرفان هاڪاري جواب نه اچڻ تي معاملن کي پاڻ ٺيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، افغان اڳواڻن جي بيانن بعد دهشتگردي جي واقعن ۾ تيزي معنيٰ رکندڙ آهي، افغان حڪومت کي ٽي ٽي پي يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي.

سندس چوڻ هو ته افغانستان مان آمريڪا جي وڃڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مسئلن کي  پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته پاڪستان لکين افغانين جي 4 ڏهاڪن تائين ميزباني ڪئي، عبوري افغان حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌي وئي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته، اميد هئي ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون، بدقسمتي سان افغان عبوري حڪومت ٺهڻ کانپوءِ 60 سيڪڙو دهشتگردي ۾ واڌ ٿي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ گهڻو ڪردار غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جو آهي، دهشتگرد افغانستان جي سرزمين استعمال ڪندا آهن.

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهڙو ڏوهه صدين ۾ به ناهي ٿيو.

نگران وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اميد آهي………….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون