امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي گرفتاري جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪارڪنن کي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو.
پرڏيھي خابرو اداري موجب، اڳوڻي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مين ھٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني جنرل طرفان جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري سگھجي ٿو.
ان حوالي سان اڳوڻي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خدشو ظاھر ڪيو آھي تھ کيس اڱاري تي کيس گرفتار ڪري سگھجي ٿو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر ۽ ريپبلڪن پارٽي جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ لکيو تھ احتجاج سندن قوم کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندو.