- Advertisement -
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي جي تازن انگن اکرن موجب، پاڪستان ڀارت تي واضح سرسي حاصل ڪري ورتي.
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان 2026ع جي شروعات تي اقتصادي ۽ امن جي حوالي سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، پاڪستان ڀارت ۽ عالمي شرح ٻنهي کان اڳتي رهيو، گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي 60 ملڪن ۾ ڪئي وئي.
سروي موجب، پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو ماڻهو ايندڙ سال بابت پراميد آهن، مجموعي طور تي 31 سيڪڙو ماڻهن جو هاڪاري رجحان آهي، اقتصادي حوالي سان 53 سيڪڙو پاڪستاني 2026 کي خوشحالي جو سال سمجهن ٿا.
گلوبل اڪنامڪ سروي ۾ چيو ويو آهي ته پراميد پاڪستانين جي شرح ڀارت جي 39 سيڪڙو کان تمام گهڻي آهي، عالمي شرح 24 سيڪڙو کان به نمايان طور بلند آهي، امن بابت به پاڪستان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
سروي موجب، 52 سيڪڙو پاڪستانين کي اميد آهي ته دنيا ۾ امن وڌندو، امن بابت ڀارت ۾ اها شرح رڳو 26 سيڪڙو آهي، اها سطح پاڪستان ۾ 1994ع کانپوءِ رڪارڊ ڪئي وئي اميدن مان هڪ بلند ترين سطح آهي.
گلوبل اڪنامڪ سروي موجب، پاڪستان عالمي سطح تي ٽن اهم پيمانن ۾ شرح کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي انهن پيمانن ۾ مجموعي اميد، اقتصادي خوشحالي ۽ امن جي اميد شامل آهن.- Advertisement -
