گمبٽ ۾ ٻه ڏينهن اڳ نينگر سان ٿيل بدفعلي جو ڪيس ٽن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
متاثر نينگر جي ڀاءُ جي فرياد تي گمبٽ ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ نبيل سهتو، اويس مهر ۽ دلبر چانڊيو کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آر جي متن موجب ٽنهي جوابدارن منهنجي ڀاءُ کي ريلوي اسٽيشن ويجهو بدفعلي جو نشانو بڻايو.
پوليس ڪاروائي ڪري جوابدارن نبيل سهتو اويس مهر ۽ دلبر چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ريمانڊ ورتو ويندو.