گمبٽ ويجهو ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي کي باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ريلوي کاتي جي ٽيم ٽنڊو مستي ڀرسان واقعي واري هنڌ پهچي سڙي ويل بوگي جو معائنو ڪري ثبوت گڏ ڪيا.
جاچ ٽيم پاران خوفناڪ حادثي جي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ ريلوي جي اعليٰ اختيارين حوالي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽنڊو مستي ويجهو ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي کي باهه لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا سڙي فوت ٿيا ها.