پاڪستاني اداڪارا ميرا چيو آهي ته کيس گهوٽ ملي ويو آهي، هوءَ فينز کي شادي جي خوشي واري خبر جلد ٻڌائيندي.
هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا ميرا چيو ته هر شخص هاڻي موبائل فون تي ئي سڀ ڪجهه ڏسڻ چاهي ٿو، فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ حڪومت کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان ماڻهو سينيما اچي فلمون ڏسن.
اداڪارا ميرا جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ نجي سيڪٽر جي سهڪار کانسواءِ فلمي صنعت کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ ممڪن نه آهي.
هن چيو ته فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، فلم انڊسٽري جي ذريعي پاڪستان مخالف پروپيگنڊي جو جواب ڏئي سگهجي ٿو.