تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

گوتم اڊاني جي دولت ۾ هڪڙي ڏينهن اندر 69 کهربن جي گهٽتائي ٿي وئي

- Advertisement -
ايشيا جي امير ترين ڪاروباري شخص گوتم اڊاني جي دولت ۾ هڪڙي ڏينهن اندر 69 کربن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي. ڀارتي ڪاروباري شخص گوتم اڊاني هلندڙ هفتي ۾ ايشيا جي امير ترين شخص بڻجن جو اعزاز حاصل ڪيو هو پر هن هاڻي اهڙو رڪارڊ ٺاهيو آهي جيڪو ڪير به پنهنجي نانءُ ڪرڻ پسند نه ڪندو . ڀارتي چونڊ ۾ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم نريندرا مودي جي پارٽي طرفان غير متوقع ۽ خراب ڪارڪردگي گوتم اڊاني لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي آهي. ڀارتي چونڊن جي نتيجن اچڻ کانپوءِ گوتم اڊاني جي دولت ۾ هڪ ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 25 ارب ڊالرن (پاڪستاني 69 کرب کان وڌيڪ) جي لاٿ ٿي آهي، جيڪا ايشيا جي ڪاروباري شخص جي دولت مان هڪڙي ڏينهن ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي آهي. گوتم اڊاني جي دولت ۾ 24.9 ارب ڊالرن جي گهٽتائي کانپوءِ هو هاڻي 97 ڏهائي 5 ارب ڊالرن سان دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ 11 هين  نمبر تان هٽي ڪري 15 هين نمبر تي اچي ويو آهي. اهڙي ريت گوتم اڊاني جي ڪمپني جي مارڪيٽ ويليو ۾ 45 ارب ڊالرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي. ڀارتي چونڊ نتيجن سبب مڪيش امباني جي دولت ۾ به 8.99 ارب ڊالرن جي گهٽتائي آئي آهي، پر 106 ارب ڊالرن جي اثاثن سان امباني هڪ دفعو ٻيهر ايشيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 3 جون تي ڀارتي ايگزٽ پول ۾ نريندرا مودي کي 2 ڀاڳي 3 جي اڪثريت سان ڪاميابي وارين رپورٽن سان گوتم اڊاني جي دولت ۾ 20 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو هو، ان سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گوتم اڊاني جي دولت نريندرا مودي جي حڪومت سان جڙيل آهي. جيڪڏهن گوتم اڊاني ۽ نريندرا مودي جي  ڳالهه ڪجي ته ٻنهي جو تعلق ڀارتي رياست گجرات سان آهي. ياد رهي ته جنوري 2023 ۾ آمريڪي شارٽ سيلنگ ڪمپني هينڊن برگ هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته اڊاني گروپ ڏهاڪن کان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڦيڙڦار ۽ اڪائونٽنگ فراڊ اسڪيم ۾ ملوث آهي. ان رپورٽ کانپوءِ گوتم اڊاني جي دولت ۾ گهٽتائي آئي هئي ۽ هو 2023 ۾ دنيا جي  امير ترين جي لسٽ ۾ گهڻو  هيٺ رهيو، جنهن بعد مڪيش امباني ايشيا جي امير ترين شخص جو اعزاز حاصل ڪيو هو . گوتم اڊاني 2023 ۾ 119 ارب ڊالرن سان گڏ دنيا جي  ٽئي نمبر امير ترين شخص جي حيثيت سان شروعات ڪئي هئي، ان کانپوءِ سندس دولت ۾ مسلسل گهٽتائي ايندي رهي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون