ايشيا جي امير ترين ڪاروباري شخص گوتم اڊاني جي دولت ۾ هڪڙي ڏينهن اندر 69 کربن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي.
ڀارتي ڪاروباري شخص گوتم اڊاني هلندڙ هفتي ۾ ايشيا جي امير ترين شخص بڻجن جو اعزاز حاصل ڪيو هو پر هن هاڻي اهڙو رڪارڊ ٺاهيو آهي جيڪو ڪير به پنهنجي نانءُ ڪرڻ پسند نه ڪندو .
ڀارتي چونڊ ۾ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم نريندرا مودي جي پارٽي طرفان غير متوقع ۽ خراب ڪارڪردگي گوتم اڊاني لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي آهي.
ڀارتي چونڊن جي نتيجن اچڻ کانپوءِ گوتم اڊاني جي دولت ۾ هڪ ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 25 ارب ڊالرن (پاڪستاني 69 کرب کان وڌيڪ) جي لاٿ ٿي آهي، جيڪا ايشيا جي ڪاروباري شخص جي دولت مان هڪڙي ڏينهن ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي آهي.
گوتم اڊاني جي دولت ۾ 24.9 ارب ڊالرن جي گهٽتائي کانپوءِ هو هاڻي 97 ڏهائي 5 ارب ڊالرن سان دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ 11 هين نمبر تان هٽي ڪري 15 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
اهڙي ريت گوتم اڊاني جي ڪمپني جي مارڪيٽ ويليو ۾ 45 ارب ڊالرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي.
ڀارتي چونڊ نتيجن سبب مڪيش امباني جي دولت ۾ به 8.99 ارب ڊالرن جي گهٽتائي آئي آهي، پر 106 ارب ڊالرن جي اثاثن سان امباني هڪ دفعو ٻيهر ايشيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 3 جون تي ڀارتي ايگزٽ پول ۾ نريندرا مودي کي 2 ڀاڳي 3 جي اڪثريت سان ڪاميابي وارين رپورٽن سان گوتم اڊاني جي دولت ۾ 20 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو هو، ان سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گوتم اڊاني جي دولت نريندرا مودي جي حڪومت سان جڙيل آهي.
جيڪڏهن گوتم اڊاني ۽ نريندرا مودي جي ڳالهه ڪجي ته ٻنهي جو تعلق ڀارتي رياست گجرات سان آهي.
ياد رهي ته جنوري 2023 ۾ آمريڪي شارٽ سيلنگ ڪمپني هينڊن برگ هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته اڊاني گروپ ڏهاڪن کان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڦيڙڦار ۽ اڪائونٽنگ فراڊ اسڪيم ۾ ملوث آهي.
ان رپورٽ کانپوءِ گوتم اڊاني جي دولت ۾ گهٽتائي آئي هئي ۽ هو 2023 ۾ دنيا جي امير ترين جي لسٽ ۾ گهڻو هيٺ رهيو، جنهن بعد مڪيش امباني ايشيا جي امير ترين شخص جو اعزاز حاصل ڪيو هو .
گوتم اڊاني 2023 ۾ 119 ارب ڊالرن سان گڏ دنيا جي ٽئي نمبر امير ترين شخص جي حيثيت سان شروعات ڪئي هئي، ان کانپوءِ سندس دولت ۾ مسلسل گهٽتائي ايندي رهي آهي