گورگ هل اسٽيشن، جنهن کي سنڌ جي مري سڏيي وڃي ٿو، تي ٻن سالن جي وقفي کانپوءِ موسم جي پهرين برفباري ٿي آهي.
دادو شهر کان 90 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کيرٿر رينج ۾ سمنڊ جي سطح کان 5 هزار 8 سئو فوٽن جي بلندي تي واقع آهي، جنهن ۾ ريسٽورنٽ پڻ آهي.
ان حوالي سان گورک هلز ڊولپمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين رفيق جمالي جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ گهٽ ۾گهٽ گرمي پد مائنس 8 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان گهٽ آهي.
گورک هل اسٽيشن سنڌ ۾ دادو ضلعي ۾ هڪ شاندار جابلو ماڳ آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان وٺي ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو پيو وڃي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي هل اسٽيشن تي بهترين سهولتون مهيا ڪري سگهجن.
گورک کيرٿر جبل جي سلسلي ۾ 1734 ميٽرن جي بلندي تي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي واقع آهي، جيڪا 2500 ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل آهي.