- Advertisement -
گورک هل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي نالي تي ميگا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڊي جي سيد عطا الله شاهه بخاري فنانس ڊپارٽمنٽ جي تصديق ٿيل ثبوتن سان سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت خير محمد ڪلوڙ ۽ سندس ويجهن ساٿين جي ڪرپشن جا انگ اکر ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.
ڊي جي گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽي موجب 23 _2022 کان 2025 _ 26 تائين گورک هل اسٽيشن جي ترقياتي اسڪيمن جي نالي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته سموري ڪرپشن ۾ سيڪريٽري سان گڏ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، ڊي ڊي او ثقافت سياحت ۽ مختلف آفيسر ڪرپشن جا ماسٽر مائنڊ آهن.
ڊي جي گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽي سيد عطاالله شاهه بخاري موجب گورک هل ڊيولپمينٽ اٿارٽي کي ڄاڻايل سالن ۾ ڪا به رقم جاري ناهي ٿي، پر ان جي مد ۾ وڏي رقم استعمال ۾ ڄاڻائي وئي.
- Advertisement -
