تازه ترين

گيري ڪرسٽن جي استعيفيٰ کانپوءِ جيسن گلپسي هيڊ ڪوچ مقرر

- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وائيٽ بال هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن جي استعيفيٰ بعد جيسن گليسپي کي آسٽريليا دوري لاءِ وائيٽ بال هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو. وائيٽ بال ڪوچ گيري ڪرسٽن پي سي بي سان اختلافن بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن جي استعيفيٰ قبول ڪري ورتي. گيري ڪرسٽن جي استعيفيٰ کانپوءِ نئين ڪوچ تي صلاح مشورا ڪيا ويا ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد سان معاملا آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويا آهن، اهو به هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار هو. ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي گيري ڪرسٽن جي رويي کي ڏسندي نئين ڪوچ جو ٽاس ڏئي ڇڏيو هو. ڪجهه ذريعن جو اهو به چوڻ هو ته آسٽريليا سيريز ۾ عارضي هيڊ ڪوچ لاءِ جيسن گليسپي پهرين چوائس آهي، گليسپي کي آسٽريليا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچز جي اضافي ذميواري ڏئي سگهجي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ثقلين مشتاق به وائٽ بال هيڊ ڪوچ جو مضبوط اميدوار آهي، ڪپتان محمد رضوان ثقلين مشتاق جي راءِ ڏني آهي. ذريعن موجب گليسپي انڪار ڪيو ته هيڊ ڪوچ لاءِ پي سي بي مينٽور ثقلين مشتاق جو نالو اڳيان اچي سگهي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
25 %
2kmh
30 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون