تازه ترين

گڏيل عرب امارتن جي صدر جو آمريڪي هم منصب سان فون تي رابطو

گڏيل عرب امارتن جي صدر، آمريڪي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن طرفان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو.

گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيدالنهيان، آمريڪي هم منصب جوبائيڊن سان ٽيليفون تي  رابطو ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻنهي ملڪن جي صدرن وچ ۾ خطي ۾ وڌندڙ تشدد ۽ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته رابطي دوران وچ اوڀر ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ سياسي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي صدرن صبر ۽ ڇڪتاڻ فوري طور ختم ڪرڻ لاءِ علاقائي ۽ عالمي ڀائيچاري تي به غور ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارتن ۽ آمريڪا جي صدر وچ اوڀر ۾ شهرين جي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ ۽ انساني امداد جي پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ محفوظ راهداري کولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شيخ محمد بن زيدالنهيان ۽ جوبائيڊن ويجهي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ دوستي جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي موقعن بابت ڳالهيون ڪيون.

گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيدالنهيان چيو ته موجوده صورتحال سان علاقائي سلامتي ۽ استحڪام کي خطرو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون