گڏيل عرب امارتن کان هلندڙ هفتي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي مالي مدد لاءِ لکت ۾ ضمانت ملڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري واشنگٽن ۾ سالياني اجلاس دوران آءِ ايم ايف کي گڏيل عرب امارتن کان مالي مدد لاءِ لکت ۾ ضمانت ملڻ بابت آگاهه ڪندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارتن کان هڪ ارب ڊالرن جي فنانسنگ لاءِ معاملا طئي ٿي ويا آهن، يو اي اي اختيارين کان گارنٽي ملندي ئي آءِ ايم ايف کي به لکت ۾ گارنٽي ملي ويندي.
ذريعن موجب وزيراعظم آفيس ۽ ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ دوست ملڪن کي درخواست ڪئي هئي.