تحريڪ انصاف وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهيون آئين جي دائري ۾ ڪري ٿينديون، ٻاهر ڪجهه نه ٿيندو.
ملتان ۾ عيدالفطر جي نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ لاڳاپن بهتري طرف رخ ڪيو آهي، سعودي عرب ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن ۾ نئين گرم جوشي نظر اچي رهي آهي.
هن چيو ته ترڪي ۽ سعودي عرب ۾ نئين سفر جي شروعات ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻين ملڪن ۾ به اختلاف گهٽ ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، وڏي عرصي کانپوءِ مسلمان امت متحد ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جو دورو ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي نه وساريندو، اميد آهي ته حريت قيادت سان ملاقات ڪندو.
هن چيو ته اميد آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو ڪشمير بابت تاريخي موقف اجاگر ڪندو.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ هڪ موقعو فراهم ڪيو آهي، هو ڳالهين لاءِ تيار آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته هنن ڳالهين کان ڪڏهن انڪار نه ڪيو آهي، سندن ڳالهيون آئين جي دائري ۾ رهي ٿينديون، ٻاهر رهڻ ممڪن ناهي.